ثابت فقير

ثابت فقير: ثابت فقير ڏيرو، وڏي پائي جو درويش چيو وڃي ٿو. احترام مان کيس ”ميان ثابت“ ڪري سڏيو ويندو هو. سندس قبر ”سُئي ڪندر“ واري قبرستان ۾، ڏيرن فقيرن جي خاص مقام ڀرسان هڪ اوچي ٿلهي تي آهي، جنهن تي ست قبرون آهن، جن مان اولهه طرف کان پهرين قبر ثابت فقير جي آهي ۽ سِرَ تي پڻ نالو ”ميان ثابت“ لکيل آهي. ثابت فقير وڏو درويش ۽ شاعر ٿي گذريو آهي، سندس هڪ بيت آهي:
سـوالي سـچـيءَ سڪ مان، جي ثابت کي سارين،
تـن نـڪـــا تـنـگي تـــوڻ جـــي، نـڪــــي اُڌاريــن.
ثابت فقير جي نالي پويان سندس اولاد کي ”ثابت پوٽا“ سڏجي ٿو.


لفظ ثابت فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو